پـيـڻ ڊاڀـڻ

پـيـڻ ڊاڀـڻ

پـيـڻ ڊاڀـڻ

پـيـڻ ڊاڀـڻ Dalmation or Gray Pelican / Pelecanus crispus /: پيڻ ڊاڀڻ جا سنڌيءَ ۾ ٻيا نالا ڦيڻائي پيڻ، سُهب پيڻ ۽ ديو هنس آهن. هي پکي 180 سينٽي ميٽر جسامت جو ٿئي ٿو. هن جا نَـر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. هن جو رنگ ميرانجهڙو اڇو گلابي ٿئي ٿو. هن جي پَـرن ۾ ڪٿي به ڪارو کنڀ نه ٿيندو آهي. هن کي ڊگهي چهنب سان هيڊي نارنگي ٿيلهي ٿيندي آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ مان مڇيون جهليندي آهي. مٿي تي هلڪي چوٽڙي ٿيندي آهي ۽ هن جون ٽنگون گھريون سرمائي ٿينديون آهن.
پيڻ ڊاڀڻ تانگهي پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻي مڇي جهليندي آهي ۽ پوءِ چهنب مٿي ڪري پاڻي هاري ڇڏيندي آهي. هن جي افزائش ڌٻڻين وارن علائقن ۾ ٿيندي آهي. هن جو آکيرو ترندڙ ٻوٽي تي ڪاٺڙين ۽ گاهه جو ٿلهو ٿيندو آهي. ڊاڀڻ پيڻ اڪثر سياري ۾ ڍنڍن تي نظر ايندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو